الهورايو اُداسي بِهڻ

الهورايو اُداسي بِهڻ

الهورايو اُداسي بهڻ

اَلھه ورايو ’اُداسي‘ بھڻ: استاد، شاعر ۽ نثرنگار الھہ ورايو بھڻ، پھرين فيبروري 1942ع تي ضلعي سانگهڙ جي تعلقي سنجهوري جي هڪ ڳوٺ ’گڙنگ‘ ۾ ڄائو. 1942ع جي مارشل لا دوران انگريزن طرفان قائم ڪيل ڪئمپ (لوڙهي) ۾ صغير ٻار طور ماءُ پيءُ سان گڏ رهيو. 1960ع ۾ فائنل جو امتحان پاس ڪري، پرائمري اُستاد مقرر ٿيو. بعد ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ايم. اي ڪئي. هو گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج سانگهڙ ۾ پروفيسر رهيو ۽ اُتان ئي رٽائرمينٽ ورتي. 1980ع ۾ بيورو آف ڪريڪيولم سنڌ پاران آسٽريليا ۽ ملائيشيا جي مطالعاتي دؤري تي ويو. 1960ع ۾ ’اداسيءَ‘ جي تخلص سان شاعريءَ جي شروعات ڪئي. سندس مضمون ۽ ڪالم مختلف اَخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. ’سانگهڙ جي سُرهاڻ‘ سووينئر جو ايڊيٽر رهيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’ايڏو درد عميق‘ (شاعري: 1992ع)، ’رنگا رنگ ملائيشيا‘ (سفرنامو)، ’جي گهارياسين بند ۾ (يادگيريون) ۽ ’قيد ڪشالا زندگي‘ (آتم ڪھاڻي، 2019ع) شامل آهن. هو سنڌي ادبي سنگت جهول جو باني ميمبر هو. 25 سيپٽمبر 2023ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو